سپريم ڪورٽ ٿائلينڊ ۽ سري لنڪا جي جيلن ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي واپسي واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ٿائلينڊ ۽ سري لنڪا جي جيلن ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي واپسي واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قيدين جو معاملو هاڻ انساني حقن جو معاملو آهي، هڪ ڏينهن ۾ سمورا قيدي واپس اچي نٿا سگهن، اوهان وٽ مهينا آهن، قيدين کي واپس آڻيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٿائلينڊ ۽ سري لنڪا جي جيلن ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي واپسي واري ڪس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيندي موقف اختيار ڪيو ته ٿائلينڊ عملدارن وٽ 35 هزار ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته سري لنڪا مان به قيدين جي واپسي وارو عمل شروع ٿي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ 19 پاڪستاني قيدي ڏيهه واپس ايندا.

جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو عدالت پاڻ پاڪستاني قيدين جومعاملو ڏسي رهي آهي، ڪيس کي اڪلائي ٿا ڇڏيون.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ ڏينهن ۾ سمورن قيدين کي واپس نٿا آڻي سگهون، 6 مهينا وٺو پر سمورن پاڪستاني شهرين کي واپس آڻيو.

چيف جسٽس هدايت ڪئي ته چين، جاپان ۽ برطانيا ۾ به قيد پاڪستانين کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، هاڻ هي معاملو پاڪستاني قيدين جو نه پر انساني حقن جو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*