ٺٽي ۽ جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

ٺٽي ۽ جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

آبادگارن ٺٽو-ڪراچي قومي شاهراهه تي ٽريفڪ چوڪي وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب شاهراهه ٽريفڪ لاءِ بند ٿي وئي.

آبادگارن جي ڌرڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪن به شرڪت ڪئي ۽ چونڊ وڙهندڙ اميدوارن خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ٺٽي جي شاخن ۽ واهن ۾ گذريل 8 مهينن کان پاڻي فراهم نه پهچڻ سبب زمينون بنجر بڻيل آهن، جنهنڪري هو معاشي طور ڪنگال ٿي ويا آهن.

جوهي تعلقي اندر مختلف شاخن ۾ پوڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن جوهي ۾ مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو.

آبادگار اڳواڻن چيو ته جوھي جي چينجاڻي شاخ، پهوڙ شاخ، پٽوڙو شاخ، ڊي ٿري شاخ، لاکاشاخ، دڙا شاخ ۽ ڇني شاخن ۾ پاڻي نه ھجڻ سبب واري اڏامي رھي آھي، جنهن سبب ھزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻيل آھي.

آبادگارن چتاءُ ڏنو ته چونڊ وڙهندڙ اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ آيا ته سندن بيضن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*