شھدادپور ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي مستحق عورتن، رقم مان مبينا ڪٽوتي ڪرڻ ۽ سينٽر تي سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

شھدادپور ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي مستحق عورتن، رقم مان مبينا ڪٽوتي ڪرڻ ۽ سينٽر تي سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهدادپور ۾ انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وٺڻ لاءِ آيل عورتن ميڊيا کي ٻڌايو ته هو ڀاڙا ڪري ۽ تڪليف ڪاٽي ڏورانهن علائقن کان شهر ۾ پهچن ٿيون پر دڪان مالڪ في ڪارڊ تي 500 سئو رپيا ڪٽي کين پريشان ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته دڪان مالڪ ڪيتري ئي دير سخت گرمي ۾ اُس ۾ بيهاري رکي ٿو جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي جي به سهولت موجود ناهي.

مستحق عورتن گهر ڪئي ته انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم بنا ڪٽوتي جي فراهم ڪرڻ سان گڏ سينٽر تي ويهڻ ۽ پاڻي سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*