اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب پنجاب جي نگران وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب پنجاب جي نگران وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر شيري رحمان ۽ نيئر بخاري لکت ۾ درخواست ڏني آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو کي اوچ شريف ۾ مزار تي وڃڻ کان روڪيو ويو، معاملي جي فوري طور جاچ ڪئي وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري کي خط لکي ڇڏيو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر شيري رحمان ۽ نيئر بخاري لکت ۾ درخواست ڏني آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي اوچ شريف ۾ مزار تي وڃڻ کان روڪيو ويو.

خط جي متن موجب، پ پ اڳواڻن الزام هنيو آهي ته ڊي آءِ جي بهاولپور جو هڪ اميدوار سان ويجها لاڳاپا آهن،

خط جي متن موجب، نيئر بخاري الزام لڳايو آهي ته ڊي ايس پي صفدر بلاول جون سرگرميون روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. چيف الڪيشن ڪمشنر جي هدايت آهي ته معاملي جي فوري طور جاچ ڪئي وڃي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب پوليس جو ڪو آفيسر روڪڻ واري عمل ۾ ملوث آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*