لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهر تي مڇريل ماڻهن حملو ڪيو ۽ در کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندي سخت نعريبازي ڪئي

لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهر تي مڇريل ماڻهن حملو ڪيو ۽ در کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. برطانوي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو پر ڪا به گرفتاري عمل نه آئي.

برطانوي گادي واري هنڌ لنڊن ۾ قائم ايون فيلڊ فليٽس ٻاهران مڇريل ماڻهن پاران مظاهرو ڪيو ويو،

ان موقعي تي نواز شريف جي گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت احتجاج ڪيو ويو  جڏهن ته حسين نواز جي فليٽ جو در ٽوڙڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي.

مظاهري دوران مسلم ليگ ن جي مقامي اڳواڻ اعجاز گل تي ٽرالي به اڇلائي وئي.

مظاهرين طرفان گهر جو دروازو ٽوڙڻ جي ڪوشش کانپوءِ پوليس پهچي مظاهرين کي ڇڙ وڇڙڪيو ۽ گاڏين جي جهڙتي به ورتي وئي.

برطانوي پوليس موجب، مظاهرو ڪندڙ ڪنهن به شخص کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

پوليس پوليس موجب، خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف برطانيا مظاهري کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ برطانيا جي ترجمان موجب تحريڪ انصاف ڪارڪنن طرفان حسين نواز جي گهر تي حملي جي ڳالهه ۾ ڪابه سچائي ناهي، اسان حملي ۽ مظاهري کان لاتعلقي جو اظهار ڪيون ٿا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*