سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين سميت لاڳاپيل عملدارن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين سميت لاڳاپيل عملدارن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ جي ڊئمن واري اڪائونٽس ۾ هن وقت تائين 12 لک رپيا جمع ٿي سگهيا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پيغام ملي رهيا آهن ته حڪومت تي اعتبار ناهي، جنهن سبب فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ هي اڪائونٽ سپريم ڪورٽ کوليو آهي،

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس ڊئمن جي تعمير لاءِ حڪومت پاران بينڪ اڪائونٽس کولڻ وارو معاملي جو نوٽيس ورتو،

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي پيغام ملي رهيا آهن ته حڪومت تي اعتبار ناهي، جنهن سبب ڊئمن بابت اڪائونٽ سپريم ڪورٽ کوليو آهي،

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊيمن جي لاءِ پئسا فنڊ ۾ ڏيو، ڪنهن کي ڪميشن کائڻ نه ڏينداسين،

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ناڻي وارو سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ ڇا ناڻي واري وزارت اڪائونٽ کوليو آهي؟

چيف جسٽس چيو ته اسٽيٽ بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳائي ڇڏيا آهن، ماڻهو ڊيمن جي لاءِ پئسا کڻي گھمي رهيا آهن،

هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آساني بدران مشڪلاتون پيدا ڪري رهي آهي، گورنر اسٽيٽ بئنڪ اسان کي تڪليف رسائي آهي،

چيف جسٽس چيو ته گذريل ڏينهن ڪير چئي رهيو هو ته ڪپڙا وڪڻي ڊيم ٺاهيون، سو پنهنجا ڪپڙا چپل وڪڻي ڊيمن جي لاءِ پئسا فنڊ ۾ ڏيو،

چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي ڪميشن کائڻ نه ڏينداسين، ڊيمن جي لاءِ پئسا ڏيندڙڻ جا هٿ چمڻ گھرجن، ايندڙ ٻن چيف جسٽسز کي به چونداسين ته هو انهي کي سنڀالين.

چيف جسٽس چيو ته اڪائونٽ جي آڊيٽ ٿيندي ته اسان پاڻ پهرو ڏينداسين، ناڻي وارو سيڪريٽري پاڻ سڀاڻي پيش ٿئي

سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين سميت لاڳاپيل عملدارن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي ڊيمن جي تعمير لاءِ کوليل اڪائونٽس ۾ ۾ ھسيتائين رڳو ٻارنھن لک رپيا جمع ٿي سگھيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*