ڪراچي ۾ اي سي ايل سي پوليس ڪارروائي ڪري موٽرسائيڪلون ڦر ڪندڙ بين الصوبائي گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري 10 موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ڪراچي ۾ اي سي ايل سي پوليس ڪارروائي ڪري موٽرسائيڪلون ڦر ڪندڙ بين الصوبائي گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري 10 موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي اي سي ايل سي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته شهر جي قلندريه چوڪ ڀرسان طالب چمن پارڪ مان موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جوابدارن ۾ سليم الله سولنگي، تسليم الله سولنگي ۽ محمد مشتاق شامل آهن، ڪارروائي دوران 10 موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي بيان ۾ چيو ته گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته 2015 کان هن وقت تائين 200 موٽرسائيڪلون چوري ڪري اشرف کوکر نالي همراهه کي وڪرو ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي چيو ته سليم الله سولنگي ۽ تسليم الله سولنگي پاڻ ۾ ڀائر آهن، پهرين به جيل وڃي چڪا آهن، ڪيسن ۾ ضمانتون ڪرائڻ بعد ٻيهر موٽرسائيڪلون چوري ڪندا رهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*