چيف سيڪريٽري سنڌ چيو آهي ته عام چونڊن دوران لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ سان گڏ جانبداري جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

چيف سيڪريٽري سنڌ چيو آهي ته عام چونڊن دوران لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ سان گڏ جانبداري جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، آءِ جي  سنڌ جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران سنڌ ۾ هڪ لک 6 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

لاڙڪاڻي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ چونڊ انتظامن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پيز ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چونڊن دوران انتظامن ۽ سڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ  ڏني.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري سنڌ جو چوڻ هو ته ڊويزن اندر عام چونڊن کان اڳ ڪجهه عملدارن خلاف شڪايتون مليون آهن، جانبداري جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته چونڊن دوران ڊويزن ۾ پوليس، رينجرز ۽ آرمي جو گڏيل ڪردار هوندو، اليڪشن ڪميشن کي پولنگ بوٿ جي حوالي سان جيڪي مسئلا در پيش آھن، انھن تي بھ غور ويچار ڪيو ويو آھي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته اليڪشن دوران سنڌ ۾ ھڪـ لک 6 ھزار پوليس اھلڪار پولنگ اسٽيشنن تي ڊيوٽي ڏيندا  ۽ انتھائي حساس پولنگ اسٽيشننز تي سڪيورٽي ڊبل ڪئي ويندي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته اليڪشن دوران ريپڊ ريسپانس فورس، آرمي ۽ رينجرز جون گاڏيون مدد لاءِ موجود ھونديون، ھٿيارن جي نمائش تي مڪمل پابندي ھوندي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته حسين لوائي ڪيس تي ايف آءِ اي ڪم ڪري رھي آھي، اسان کي جيڪي ھدايتون ملنديون ان تي عمل ڪنداسين.

ان کان اڳ چيف سيڪريٽري سنڌ پاران چانڊڪا اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري صفائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو ويو.

چيف سيڪريٽري مريضن کي دوائون ڏيڻ ۽ صفائي جا انتظام بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڊاڪٽرز کي ڊيوٽي پابندي سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*