سپريم ڪورٽ اڳوڻي ممڪلتي گهرو وزير طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي عام چونڊن بعد ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي شاهدن جا بيان قلمبند ڪرائڻ جو آپشن ختم ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اڳوڻي ممڪلتي گهرو وزير طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي عام چونڊن بعد ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي شاهدن جا بيان قلمبند ڪرائڻ جو آپشن ختم ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري طرفان شاهد پيش نه ٿي سگهيا.  جنهن تي جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ٺيڪ آهي ته توهان جا شاهد نه ٿا اچن، هاڻي توهان آخري دليل ڏيو.

ٻڌڻي دوران طلال چوڌري جي وڪيل چونڊن کانپوءِ تائين ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اربع 11 جولاءِ تي بچاءَ وارو وزير ڪامران مرتضيٰ ڪيس ۾ آخري دليل ڏيندو جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

عدالت شاهدن جا بيان قلبند ڪرائڻ جو آپشن ختم ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*