سپريم ڪورٽ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي اڏاوت کي غير قانوني قرار ڏيندي زمين اسپورٽس بورڊ جي تحويل ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي اڏاوت کي غير قانوني قرار ڏيندي زمين اسپورٽس بورڊ جي تحويل ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي اي ڪنهن کي پنهنجي مرضي سان زمين الاٽ نه ٿي ڪري سگهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ غير قانوني اڏاوتن ۽ ايراضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڪيترن سالن لاءِ زمين اسپورٽس بورڊ کي ليز ڏني. جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 33 سالن لاءِ زمين ليز تي ڏني وئي،

چيف جسٽس چيو ته عدالت جي عمارت رڳو13 ايڪڙ آهي، اسپورٽس ڪمپليڪس کي 145 ايڪڙ ڪيئن ڏني وئي آهي، ڇا رڳو تنهن وقت جي صدر جي حڪم تي ايراضي ڏني وئي.

چيف جسٽس چيو ته سي ڊي اي ڪنهن کي پنهنجي مرضي سان زمين الاٽ نه ٿي ڪري سگهي.

چيف جسٽس ثاقب نثار ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته گن ڪلب جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، گن ڪلب ۾ مارڪي به ٺاهي وئي آهي،

عدالت چيو ته ايراضي تي گن ڪلب ٺاهيو ويو، عمارت جي ڪابه قانوني منظوري نه ورتي وئي آهي، جن ماڻهن گن ڪلب جي ميمبرشپ ورتي پنهنجي رسڪ تي ورتي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*