نگران وزيراعظم ناصر الملڪ سان واپڊا چيئرمين ملاقات ڪري ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي

نگران وزيراعظم ناصر الملڪ سان واپڊا چيئرمين ملاقات ڪري ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪينزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي

  نگران وزيراعظم ناصر الملڪ سان واپڊا چيئرمين ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ،

ان موقعي تي نگران وزيراعظم پاران واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو،

نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪينزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ٻئي طرف ارسا چيو آهي ته اڄ اترن علائقن ۾ گرمي پد 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي،

ارسا موجب، اميد آهي ته ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ برف پگهرجڻ کانپوءِ پاڻي جي اچڻ ۾ اضافو ٿي ويندو،

ارسا جو چوڻ آهي ته تربيلا ڊيم وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 13 سئو ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 20 هزار 6 سئو ڪيوسڪ آهي.

ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 40 هزار 7 سئو ڪيوسڪ ۽ڇوڙ 40 ڪيوسڪ کان وڌيڪ آهي.

جهلم  درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 39هزار 3 سئو ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ 55 هزار ڪيوسڪ  آهي.

ارسا موجب، تربيلا ديم ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 186 فٽ آهي.  تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 13 سئو 86 فٽ آهي. جڏهن ته پاڻي جي ذخيري جي انتهائي سطح 15 سئو 50 فٽ آهي.

ارسا جو چوڻ آهي ته منگلا ڊيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليوز 1050 فٽ آهي. .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*