مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسماءَ قتل ڪيس جي جوابدار محمد نبي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسماءَ قتل ڪيس جي جوابدار محمد نبي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جوابدار تي 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي.

مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گوجر گڙهه جي 4 ورهين جي نينگري اسماءَ جي قتل واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدار کي پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدار محمد نبي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي مٿس 10 لک رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو.

واضح رهي ته مردان ۾ 4 ورهين جي نينگري اسماءَ کي 13 جنوري 2018 تي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو.

اسماءَ قتل ڪيس ۾ 2 سئو کان وڌيڪ بلڊ سيمپلز ورتا ويا هئا، جنهن ۾ جوابدار محمد نبي جو ڊي اين اي ميچ ٿيو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*