پي ٽي آءِ عام چونڊن لاءِ پارٽي منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو،

پي ٽي آءِ عام چونڊن لاءِ پارٽي منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته، پاڪستان کي ٻن طريقن سان ڪرپشن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي سگهجي ٿو، اسان کي هڪ ڪروڙ نيون نوڪريون پيدا ڪرڻيون آهن، اسان ڊئمن کي ٺاهينداسين، نيب کي خودمختيار بڻائي ڪرپشن ڪيسز کي انجام تائين پهچائينداسين، ملڪ ۾ من پسند ماڻهن جي ڀرتين ۽ سياسي مداخلت سبب ادارا تباهه ٿي ويا، ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ تحريڪ هلائينداسين

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عام چونڊن بابت پارٽي جو منشور پيش ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ منشور پيش ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف حڪومت ۾ آئي ته اسان پنج سالن ۾ 50 لک جي گهٽ ماليت وارا گهر ٺهرائنداسين

عمران خان چيو ته پاڪستان جا مسئلا حل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، سڀ کان وڏو چيلينج پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائڻ آهي ۽ اسان پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائينداسين.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان کي پنهنجي منشور تي عمل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. ملڪ ۾ روينيو گڏ ڪرڻ جو نظام ئي نه آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهران شيون گهرائڻ وارو عمل گهٽيو آهي ۽ هتان ٻاهر شيون موڪلڻ واري عمل ۾ واڌ ٿي آهي.

عمران خان چيو ته ناڪام پاليسين سبب اڄ اڪثريت غريب ٿي رهي آهي ۽ اقليت امير ٿي رهي آهي، جهڙي ريت حڪومتون هلايون پيون وڃن، ان کي تبديل ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ملڪ ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو، اسان خيبرپختونخواهه کي غير سياسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان ڪي پي ۾ ڪرپشن ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي ڪڍيو،

عمران خان چيو ته پاڪستان ۾  پوليس کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿيندي آهي، سياسي استعمال سان پوليس بدعنوان ۽ نااهل ٿي ويندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*