جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان قايادنين کان سهڪار جي بدلي ختم نبوت قانون ۾ تبديليءَ جو واعدو ڪيو

جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان قايادنين کان سهڪار جي بدلي ختم نبوت قانون ۾ تبديليءَ جو واعدو ڪيو. هاڻي ٻلي ٿيلي مان ٻاهر اچي چڪي آهي، عمران خان جي چوري پڪڙجي پئي آهي.

لڪي مروت ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان قاديانين جي سربراهه وٽ ويو ۽ چونڊن ۾ سهڪار گهريو ۽ بدلي ۾ قاديانين خلاف موجود قانون کي تبديل ڪرڻ جو واعدو ڪيو.

هن چيو ته قسم نامي ۾ ختم نبوت جي ترميم تي راجا ظفر الحق جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪميشن قائم ٿي، جنهن مڪمل جاچ ڪئي عدالت جي حڪم تي رپورٽ شايع به ڪئي وئي،

جي يو آءِ سربراهه چيو ته سوال اهو آهي ته جيڪي طاقتون ڪالهه نواز شريف خلاف ڌرڻو هڻي رهيون هيون اهي هاڻي خاموش ڇو آهن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته رپورٽ موجب عمران خان ۽ شفقت محمود ئي چور نڪتا، هاڻي ٻلي ٿيلي مان ٻاهر اچي چڪي آهي، عمران خان جي چوري پڪڙجي پئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*