چونڊڪو ۾ نينگر سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

چونڊڪو ۾ نينگر سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سائدو روڊ جي رهواسين مسمات زليخان ملاح، الھوسايو ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته  پنجين درجي جو شاگرد زبير علي ولد الطاف ملاح کير وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾  جوابدار وزير علي سوڍڙو کيس جگهه ۾ وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي.

هنن چيو ته ٻارڙي جي رڙين تي علائقي واسين کيس بچائي ورتو، جڏهن ته  پوليس سندن فرياد وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي، جوابدار کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*