سرڪاري اسڪيم تحت حج اڏامون 14 جولاءِ کان سعودي عرب روانيون ڪيون وينديون

سرڪاري اسڪيم تحت حج اڏامون 14 جولاءِ کان سعودي عرب روانيون ڪيون وينديون.

مذهبي معاملن واري وزارت پاران سرڪاري حج اسڪيم جي اڏامن جو شيڊيول جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته 14 جولاءِ کان اڏامون سعودي عرب لاءِ روانيون ٿينديون.

مذحبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج پانڌيئڙن کي ويڪسين جو عمل پهريان ئي شروع ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب حج پانڌيئڙا پنهنجو شيڊيول ايس ايم ايس ۽ ويب سائيٽ تي ڏسي سگهن ٿا.

مذهبي معاملن واري وزارت موجب حج پانڌيئڙن کي پنهنجي اڏام کان ٻه ڏينهن اڳ ئي حاجي ڪيمپ پهچڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، جتي کين پاسپورٽ، ٽڪيٽ ۽ ڳلي جا لاڪٽ فراهم ڪيا ويندا.

ڪراچي کان پي آءِ اي جي پهرين اڏام صبح 2 لڳي 25 منٽن تي رواني ٿيندي، جڏهن ته اسلام آباد کان صبح 7 وڳي رواني ٿيندي.

ملتان کان پهرين اڏام 15 جولاءِ تي رواني ٿيندي، جڏهن ته فيصل آباد کان جده لاءِ پهرين اڏام 17 جولاءِ تي رواني ٿيندي.

حج پانڌيئڙن جي واپسي 28 آگسٽ کان شروع ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*