شهيد بي بي جو واعدو نڀائڻ ۽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪتو آهيان،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد بي بي جو واعدو نڀائڻ ۽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪتو آهيان، پيپلزپارٽي هميشه ڏکڻ پنجاب جو آواز اٿاريو آهي اقتدار ۾ اچي ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهينداسين.

شجاع آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هميشه ڏکڻ پنجاب صوبي جي ڳالهه ڪئي آهي، آئون غريبن کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ نڪتو آهيان.

هن چيو ته اقتدار ۾ اچي هارين کي ڪسان ڪارڊ جاري ڪنداسين، پ پ  جو منشور هاري دوست رهيو آهي، اسان جي دور ۾ هاري خوشحال هو پر هاڻي هاري فاڪا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري غريبن جي مالي مدد ڪئي، هاڻي اسان غربت مٽايو پروگرام جو دائرو سموري ملڪ ۾ وڌائينداسين.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته مون کي اڄ انتظاميا ورڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پيپلزپارٽي وارا آهيون، اسان کي ڪراچي ۾ نه پٿراءُ روڪي سگهيو ۽ نه وري اُچ شريف ۾ ڪي روڪي سگهيا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون پنهنجي پهرين اليڪشن ڪمپين تي ٻاهر نڪتو آهيان، اسان گارين واري سياست نه ٿا ڪريون.

هن چيو ته اسان ڪي پي کي سندن سڃاڻپ ڏئي سگهون ٿا ته ڏکڻ پنجاب صوبو به ٺاهي سگهون ٿا، ڏکڻ پنجاب سان اسان جو سياست جو نه پر دل جو رشتو آهي.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ ريلي کي شجاع آباد ڏانهن ويندي ضلعي انتظاميا پاران ملتان باءِ پاس وٽ روڪيو ويو.

ريلي کي روڪڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ گاڏي مان هيٺ لهي ڊي سي ملتان سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد بلاول ڀٽو زرداري جو قافلو شجاع آباد ڏانهن روانو ٿيو.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته رنڊڪن باوجود پنهنجي چونڊ مهم جاري رکندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*