ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ميچ سڀاڻي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل سڀاڻي نيوزيلينڊ ۽ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ رٿيل 11هين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل سڀاڻي کيڏي ويندي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پول اي ۾ ڇهه ميچز کيڏيون ، جن ۾ کين فتح ملي،جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم پول بي ۾ ڇهه ميچز کيڏيون، جن مان چئن ۾ کين فتح ۽ٻن ميچز ۾ شڪست ملي.

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ سري لنڪن ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتي هئي، جڌهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 143رنز تان شڪست ڏني،جنهن ۾ مارٽن گپٽل 237رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ٻنهي ٽيمن ۾ رٿيل پهرين سيمي فائنل ۾ ڪرڪيٽ جي ماهرن ٻنهي ٽيمن کي فيوريٽ قرار ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*