سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس بابت لکت ۾ حڪم جاري ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت سمورن بينيفشريز کي 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس بابت لکت ۾ حڪم جاري ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت سمورن بينيفشريز کي 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿئي هئي جنهن ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس مان فائدو حاصل ڪندڙن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

سپريم ڪورٽ پاران اڄ ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت جعلي اڪائونٽس مان فائدو حاصل ڪندڙ ٻين جوابدارن کي 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو.

سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل حڪم ۾ آءِ جي سنڌ کي سمورن جوابدارن جي پيشي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ٽن بينڪس جي سي اي اوز جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*