ڪراچي جي علائقي لائيٽ هائوس ۾ دڪانن کي لڳل  باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو

ڪراچي جي علائقي لائيٽ هائوس ۾ دڪانن کي لڳل  باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 دڪان ۽ 3 موٽرسائيڪلون سڙي ويون آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب لائيٽ  هائوس جي لنڊا بازار ۾ هڪ دڪان ۾بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن کان پوءِ باهه وڌيڪ دڪانن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

ريسڪيو جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪافي ڪوششن کانپوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو، 5 دڪان ۽ 3 موٽرسائيڪلون سڙي ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*