دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي شڪست نٿي ڏئي سگهي، صدر ممنون حسين

صدر ممنون حسين چيو آهي ته قوم جو اتحاد ثابت ڪري ٿو ته دهشتگردن کي شڪست پري ناهي، دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي شڪست نٿي ڏئي سگهي، پاڪستان عالمي امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو، ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي هٿياربند فوج جي پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته 7 سالن سالن کانپوءِ هٿياربند فوج جي تقريب ڏسي کيس فخر ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته اسان جي منزل خوشحالي، جمهوري ۽ مستحڪم پاڪستان آهي، ملڪ کي لساني، علائقائي ۽ مذهبي تعصب کان پاڪ ڪيو ويندو.

هن چيو ته اسان جو تعلق ان قوم سان آهي، جنهن دهشتگردي ۽ قدرتي آفتن سميت هر ڏکيائين کي منهن ڏنو ۽ ايتري چيلينجز باوجود اسان جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا.

 صدر ممنون حسين چيو ته هـُو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج کي سلام پيش ڪري ٿو، هن فيصلو ڪيو آهي ته دهشتگردن خلاف وڙهندڙ جوانن سان ملڻ ويندو ۽ کين سيني لائيندو.

هـُن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان قائم ٿي چڪو آهي،قوم جو اتحاد ثابت ڪري ٿو ته دهشتگردن جي شڪست پري ناهي.

صدر ممنون چيو ته پاڪستان عالمي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، اسان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا،  ڪشمير مسئلو اتان جي عوام جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل حل ٿيڻ گهرجي.

صدر ممنون قوم کي واڌايون ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سامونڊي حد ۾ واڌ ٿي آهي ۽ پاڪستان پهريون ملڪ آهي،جنهن جي سامونڊي حدن ۾ واڌ  جي منظوري ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*