ڪنري ويجهو ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو

ڪنري ويجهو ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو، ٽنڊو ڄام ۾ مزدا ۽ اٺ گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

ڪنري ويجهو زيرو پوائنٽ وٽ ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان نثار خاصخيلي ٿڏي تي فوت ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو.

ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي ڪنري هيلٿ سينٽر پهچايو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب زخمي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

ٽنڊو ڄام ۾ زرعي يونيورسٽي ڪالوني وٽ مزدا ۽ اٺ گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*