ميهڙ ويجهو کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ ڏنڊا ۽ لٺيون لڳڻ سبب پيرسن مارجي ويو، پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو

ميهڙ ويجهو کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ ڏنڊا ۽ لٺيون لڳڻ سبب پيرسن مارجي ويو، پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ غلام محمد کوسو ۾ زمين تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ لٺيون لڳڻ سبب پيرسن محمد وارث مارجي ويو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش تعلقي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس ٻن جوابدارن شمن کوسو ۽ سندس پٽ صالح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*