ڊکڻ ويجهو پوليس ڪارروائي دوران پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل ڪار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ڊکڻ ويجهو پوليس ڪارروائي دوران پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل ڪار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس ڳوٺاڻن جا  30ڍور به ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

ڳوٺ روشن خروس ۾ شڪارپور جي سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري روشن خروس ۽ سندس پٽ ساجد خروس سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽر شڪارپور  منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

سي آءِ اي  پوليس موجب گرفتار ڪيلن وٽان ڦر ڪيل ڪار هٿ ڪئي وئي.

هوڏانهن سي آءِ اي پوليس گرفتار ڪيل ڳوٺاڻن جا  30 ڍرو به ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*