سپريم ڪورٽ شريف ڪٽنب خلاف ريفرنسز اڪلائڻ لاءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير کي 6 هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ شريف ڪٽنب خلاف ريفرنسز اڪلائڻ لاءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير کي 6 هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو، عدالت اسحاق ڊار خلاف ريفرنس به 6 هفتن ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏنو، نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث مخالفت ڪندي چيو آهي ته احتساب عدالت جو جج وڌيڪ ريفرنس نٿو ٻڌي سگهي، چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪيس تعصب تي نه پر ميرٽ تي هلي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جج محمد بشير جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو وڪيل خواجا حارث  پيشٿيو.

وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته شريف ڪٽنب خلاف ٽنهي ريفرنس ۾ ثبوت ۽ شاهد هڪ جهڙا آهن، جنهن ۾ کوڙ ساريون شيون هڪ جهڙيون آهن. جنهن سبب انهن ٽنهي ريفرنس جو هڪڙو ئي فيصلو هئڻ گهرجي. ان حوالي سان اڳ به درخواست ڏئي چڪا آهيون.

وڪيل خواجا حارث چيو ته جج محمد بشير جي ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ڏئي چڪو آهي ۽ انصاف جي گهرج آهي ته ساڳيو جج ٻين ريفرنسز کي نٿو ٻڌي سگهي.

جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته فليگ شپ ريفرنس ۾ ٽرانزيڪشن هڪ ٻئي سان نه ٿي ملي، جڏهن ته فليگ شپ ۽ العزيزيه ڪيسز به پاڻ ملن نه ٿا.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇا ڪئي ته ريفرنسز جي ٻڌڻي لاءِ ڪيترو وقت گهرجي؟  جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر اعظم تارڙد عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٻنهي ريفرنسز ۾ ڪا اهم اڳڀرائي نه ٿي آهي.

نيب پراسيڪيورٽر چيو ته ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف ريفرنس به هلي رهيو آهي ۽ مفرور ٿيڻ تي کيس سزا به ملي سگهي ٿي.

ٻڌڻي بعد عدالت احتساب عدالت کي شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز جو فيصلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 6 هفتن جو وقت ڏيندي اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس 6 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*