لاهور هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي نمائندن جي چونڊ مهم ۾ شرڪت  تي پابندي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي نمائندن جي چونڊ مهم ۾ شرڪت  تي پابندي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني نمائندن جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني نمائندن جي چونڊ مهم ۾ شرڪت تي پابندي لڳائي آهي، عدالت کي استدعا آهي ته مڪاني نمائندن کي چونڊ مهم ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا پابندي بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت پابندي خلاف مڪاني کاتن وارن نمائندن جي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*