پنجاب جي نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چونڊ عمل دوران سڪيورٽي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چونڊ عمل دوران سڪيورٽي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، حسن عسڪري چيو  آهي ته اميدوارن توڙي عوام جي سڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. صوبي ۾ عوام جي جان ۽ مالن جو تحفظ رياست جي پهرين ذميواري آهي..

لاهور ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊ عمل دوران سيڪيورٽي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ نگران وڏي وزير سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو ته چونڊ جلسن جلوسن لاءِ واضح سيڪيورٽي پلان تي عمل درآمد يقيني بڻايو وڃي.

حسن عسڪري چيو ته صوبي ۾ عوام جي جان ۽ مالن جو تحفظ رياست جي پهرين ذميواري آهي، امن امان جي وڌيڪ بهتري لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*