بلوچستان جي علائقي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

بلوچستان جي علائقي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، زلزلي جي پيمائش واري اداري موجب، زلزلي جي شدت 4 ڏهائي 3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سبي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب رهواسي خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري ۽ پاڪ ڪلام جو ورد ڪيو.

زلزي سبب ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع نه مليا.

زلزلي جي پيمائش ڪندر اداري موجب، زلزلي جي شدت 4 ڏهائي 3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي،

زلزلي جو مرڪز سبي کان 35 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه وارو علائقو هو، جڏهن ته زلزلي جي اونهائي 76 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*