پاڪستان ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سانوڻي جي برساتن جي شروعات ٿي رهي آهي

پاڪستان ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سانوڻي جي برساتن جي شروعات ٿي رهي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سانوڻي جي برساتن جو سلسو ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ شروع ٿي ويندي،

پاڪستان ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سانوڻي جي برساتن جي شروعات ٿي رهي آهي،

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سانوڻي جي برساتن جو سلسو ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ شروع ٿي ويندي، بحيره عرب، نار بنگال جي سانوڻي جون هوائون پاڪستان ۾ داخل ٿي ويون آهن.

موسميات کاتي موجب، پاڪستان ۾ برسات جي شروعات ڪشمير، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کان ٿيندو.

موسمييات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم صاف رهندي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ڦڙ ڦڙ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ڏکڻ ۽ اولهه کان هلندڙ هوائون 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن.

موسميات کاتي موجب، اڄ ڪراچي ۾ گرمي پد وڌ ۾ وڌ  33 سينٽي گريڊ کان 35 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ۾ گهم جو مقدار 59 سيڪرو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*