سپريم ڪورٽ ڪٽاس راج مند ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيمينٽ فيڪٽرين کي مٺي پاڻي جي استعمال کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڪٽاس راج مند ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيمينٽ فيڪٽرين کي مٺي پاڻي جي استعمال کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سيمينٽ فيڪٽريون ڪروڙين رپين جو مفت پاڻي استعمال ڪري رهيون آهن، حڪومت به ساڻن مليل آهي، بيسٽ وي سيمينٽ اربين رپين جو پاڻي پي وئي آهي ، ايندڙ ٻڌڻي تي سمورو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪٽاس راج مندر جي سڪيل تلاءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سيمينٽ فيڪٽريون ڪروڙين رپين جو مفت پاڻي حاصل ڪري رهيون آهن،

چيف جسٽس چيو ته بيسٽ وي سيمينٽ اربين رپين جو پاڻي پي چڪي آهي، پوءِ رجسٽرار آفيس اچي چيو وڃي ٿو ته چيف جسٽس ناراض ٿي رهيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته پاڪستان کان سڀ رڳو ورتو پيو وڃي، ڏنو نه پيو وڃي، حڪومتون سيمينٽ فيڪٽرين سان مليل آهن.

چيف جسٽس چيو ته اسان چئن مهينن ۾ پاڻي جي رقم وصول ڪرڻ جو چيو آهي،  سيمينٽ فيڪٽريون مٺي پاڻي جي قومي ناڻي کي لٽي رهيون آهن.

چف جسٽس چيو ته پنجاب حڪومت سيمينٽ فيڪٽرين تي هن وقت تائين ٽيڪس ڇو نه لڳايو آهي، اسان پاڻ ٽيڪس لاڳو ڪنداسين.

عدالت هدايت ڪئي ته چار سئو بلين جي بينڪ گارنٽي ڊي جي فيڪٽري جمع ڪرائي وڌيڪ ٻه سئو بلين جي وڌيڪ بينڪ گارنٽي جمع ڪرائي وڃي.

عدالت سيمينٽ فيڪٽرين کي مٺي پاڻي جي استعمال کان روڪيندي سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*