اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح سنڌ ۾ چونڊن جي حوالي سان هلندڙ ڪم کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح سنڌ ۾ چونڊن جي حوالي سان هلندڙ ڪم کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

  صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب فتح چونڊن جي حوالي سان سنڌ ۾ هلندڙ ڪم کي تسلي بخش قرار ڏنو آهي.

ترجمان چيو ته سيڪريٽري چونڊن بابت ضابط اخلاق تي سختي سان عمل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون آهن.

اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*