سپريم ڪورٽ بهرام خان جي نااهلي بابت اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي کيس پي پي 9 قلعه عبدالله تان چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ بهرام خان جي نااهلي بابت اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي کيس پي پي 9 قلعه عبدالله تان چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جعلي ڊگريون رکندڙن جي حوصلا افزائي نٿي ڪري سگهجي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ بهرام خان جي نااهلي بابت اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران بهرام خان جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته حاجي بهرام خان جي خلاف چار ريفرنسز داخل ٿيا، جن مان هڪ ريفرنس ۾ کيس سزا ٿي.

جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته حاجي بهرام خان کي نيب طرفان سزا مليل آهي ۽ هو 21 سالن لاءِ نااهل ٿيو هو ۽ اوهان چئو ٿا ته نئين قانون تحت نااهلي ڏهن سالن لاءِ آهي.

بهرام خان جي وڪيل چيو ته فيصلي بعد سز ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ۽ ٽي سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو هو، جيڪو ڪيس اڄ تائين سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

سپريم ڪورٽ بهرام خان جي نااهلي بابت اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي کيس پي پي 9 قلعه عبدالله تان چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*