مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نوازشريف ۽ مريم نواز جي ڀرپور نموني استقبال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نوازشريف ۽ مريم نواز جي ڀرپور نموني استقبال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي سندن ڀرپور استقبال ڪيو ويندو. پنهنجي پارٽي قائد جو استعقبال ڪرڻ هر سياسي پارٽي جو حق آهي، ان حوالي سان اسان آئيني ۽ قانوني رستو اپنائينداسين.

اجلاس ۾ لاهور، شيخوپوره، ننڪانه صاحب، قصور ۽ گوجرانوالا سميت ٻين علائقن جا اميدوار شريڪ  ٿيا.

اجلاس ۾ لاهور ڊويزن جي سمورن ٽڪيٽس هولڊرز کي هدايت ڪئي وئي ته نوازشريف ۽مريم نواز جو استقبال ڪرڻ لاءِ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي سندن ڀرپور استقبال ڪيو ويندو. پنهنجي پارٽي قائد جو استعقبال ڪرڻ هر سياسي پارٽي جو حق آهي، ان حوالي سان اسان آئيني ۽ قانوني رستو اپنائينداسين.

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته مسلم ليگ ن واحد سياسي جماعت  آهي، جنهن جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪئي ۽ عوام جولاءِ تي ڪارڪردگي جي بنياد تي شينهن کي ووٽ ڏيندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*