اسلام آباد جي احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽  مسلم ليگ ن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽  مسلم ليگ ن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، پوليس مسلم ليگ ن برطانيا جي صدر ناصر بٽ ۽ تحريڪ انصاف جي ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

احتساب عدالت جي فيصلي کان پوءِ برطانيا ۾ پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا آهن.

لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ٻاهران هڪ دفعو ٻيهر احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن هٿين پئجي ويا.

ايون فيلڊ هائوس ٻاهران تحريڪ انصاف جي حامين نواز شريف خلاف نعريبازي ڪئي جڏهن ته مسلم ليگ ن جي حامين تحريڪ انصاف خلاف ۽ نواز شريف جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو.

مظاهري دوران ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڪارڪن هٿين پئجي ويا.

پوليس مسلم ليگ ن برطانيا جي صدر ناصر بٽ ۽ تحريڪ انصاف جي ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*