اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، نيب گهرو وزارت کي خط لکيو هو، جنهن بعد سندن نالا اي اسي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 11، مريم نواز کي 8 ۽ سندس مڙس محمد صفدر کي هڪ سال پورهئي سان سزا ٻڌائي هئي، جنهن بعد سندن نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا آهن.

ذريعن موجب نيب فيبروري، جون ۽ جولاءِ ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيا هئا.

گهرو وزات پنهنجي طئي ٿيل طريقيڪار ۽ قانون تي عملدرآمد ڪندي سندن نالا اي سي ايل ۾ وڌا هئا.

ذريعن موجب جن ماڻهن خلاف ڪا عدالت فيصلو ڪري ۽ پرڏيهه هجن ته طئي ٿيل قانون تحت سندن نالو ايل سي ايل ۾ اچي ويندو آهي ۽ ان قانون تحت ڄاڻايل شخص جيئن ئي ڏيهه واپس ايندو آهي ته کيس هوائي اڏي تان ئي گرفتار ڪيو ويندو آهي.

هوڏانهن نواز شريف ۽ مريم نواز 13 جولاءِ تي ڏيهه اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب کين لاهور مان ئي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*