سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت  ڏيندي مخالف اميدوار نثار احمد جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت  ڏيندي مخالف اميدوار نثار احمد جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ۾ اڳوڻي يوسف رضا گيلاني جي نااهلي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

مخالف اميدوار نثار احمد پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته يوسف رضا گيلاني  پنهنجي گهر واري جا اثاثا لڪايا آهن، جنهن سبب کيس نااهل ڪيو وڃي.

سپريم ورٽ دليل ٻڌڻ بعد مخالف اميدوار جي درخواست رد ڪندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي  چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*