سنڌ هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اميدوار حليم عادل شيخ  جا نامزدگي فارم بحال ڪرڻ خلاف درخواست تي 18 جولاءِ تائين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اميدوار حليم عادل شيخ  جا نامزدگي فارم بحال ڪرڻ خلاف درخواست تي 18 جولاءِ تائين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل شيخ زرعي ترقياتي بئنڪ کان ورتل 8 ملين قرض نامزدگي فارم ۾ ظاهر نه ڪيو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل شيخ قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي، جنهن ڪري امين ۽ صادق ناهي رهيو، سندس نامزدگي فارم رد ڪيو وڃي.

 عدالت حليم عادل شيخ، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ڌرين کان 18 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ اميدوار حليم عادل شيخ پي ايس 99 ملير تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، کيس نااهل قرار ڏيڻ لاءِ زرعي ترقياتي بئنڪ انتظاميه پاران عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*