ٺٽي ۾ انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري جي سول اسپتال جي دوري دوران مريضن جي وارثن اسپتال انتظاميا خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

ٺٽي ۾ انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري جي سول اسپتال جي دوري دوران مريضن جي وارثن اسپتال انتظاميا خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، سيڪريٽري اسپتال انتظاميا کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته اسپتال جي صورتحال جي رپورٽ وڏي وزير کي ڏيندو.

انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري اختر عنايت ڀرڳڙي ٺٽي جي سول اسپتال پهچي مختلف شعبن جو دورو ڪيو، جنهن دوران مريضن جي وارثن صفائي سٿرائي نه ٿيڻ، دوائون نه ملڻ ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون.

شڪايتن تي سيڪريٽري، اسپتال جو انتظام سنڀاليندڙ اين جي او جي عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي پڇاڻو ڪيو.

اختر عنايت چيو ته هو ٺٽي سول اسپتال جي انتظامن مان مطمئن ناهي، جنهن جي رپورٽ وڏي وزير کي ڏئي ڪارروائي جي سفارش ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*