ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون چاهيون ٿا، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط

نئين دهلي ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته طاقت جي زور تي مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن، ڀارتي قيادت کي  چوڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن ۾ مسئلن جو حل رڳو ڳالهيون ئي آهن.

نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو ته ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون چاهيون ٿا.

هـُن چيو ته مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۾ ئي آهن، ڀارتي قيادت کي چوڻ گهرجي ته ڳالهين کانسواءِ مسئلا حل نٿا ٿي  سگهن.

پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو ته پاڪستان ۽ ڀارتي وزيراعظمن جو هدف اقتصادي ترقي ئي آهي، ٻنهي ملڪن کي سمجهڻ گهرجي ته مسئلن جو حل رڳو پر امن ڳالهين ۾ ئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*