پيپلزپارٽي جي اميدوار پي ڪي 78 تان چونڊ وڙهڻ کان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي متحده مجلس عمل جي اميدوار حاجي غلام علي جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پيپلزپارٽي جي اميدوار پي ڪي 78 تان چونڊ وڙهڻ کان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي متحده مجلس عمل جي اميدوار حاجي غلام علي جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل رات پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شڪيل بابر ايڊووڪيٽ جي رهائشگاهه تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي پيپلزپارٽي جي پي ڪي 78 جي اميدوار عرفان، طارق عزيز ۽ متحده مجلس عمل جو اميدوار حاجي غلام علي شريڪ ٿيو.

ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ پي ڪي 77 جي اميدوار سيد ظآهر شاهه جي منظوري ۽ پارٽي اڳواڻن جي مشاورت بعد پيپلزپارٽي جي اميدوار عرفان متحده مجلس عمل جي اميدوار غلام علي جي حق ۾ هٿ کڻندي سندس حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*