پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ ڊينگي بابت آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد عوام کي ڊينگي کان بچاءُ جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ آهي

پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ ڊينگي بابت آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد عوام کي ڊينگي کان بچاءُ جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ آهي.

حافظ آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت تي صحت کاتي جي سي اي او ڊاڪٽر محمد حامد رفيق ، ڊي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد ظهير کوکر، ايم ايس ڊي ايڇ ڪيو ڊاڪٽر محمد ريحان اظهر جي قيادت ۾ ڊينگي کان بچاءُ جي حوالي سان مهم بابت تقريب ٿي.

تقريب ۾ عوام کي ڊينگي کان بچاءُ جي حوالي سان احتياطي تدابير بابت پمفليٽ به ورهايا ويا.

ان موقعي تي سي سي او هيلٿ ڊاڪٽر حامد رفيق چيو ته ماڻهن کي گهرجي ته گهرن جي ڇتن تي برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ نه ڏين.

ايم ايس چيو ته ڊينگي بخار جي علامت کانپوءِ ڊاڪٽر کي فوري طور ڏيکارڻ تمام گهڻو ضروري آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*