ووٽرن طرفان اميدوارن کان سخت پڇاڻي جو سلسلو جاري آهي

ووٽرن طرفان اميدوارن کان سخت پڇاڻي جو سلسلو جاري آهي، نوشهرو فيروز ۾ جي ڊي اي اميدوار عارف مصطفيٰ جتوئي کي ووٽرن جي سخت  احتساب کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

پي ايس 36 جو جي ڊي اي اميدوار عارف مصطفيٰ جتوئي ڳوٺ حسين آباد پهتو، جتي پاڻي جي هٿرادو کوٽ تي ڳوٺاڻن  جي ڊي اي اميدوار عارف مصطفيٰ جتوئي کان پڇاڻو ڪيو.

وو ٽرن چيو ته پاڻي بند ڪري اسان جي 30 هزار ايڪڙ زمين بنجر ڪئي ، هاڻي ڪهڙي منهن سان ووٽ گهرڻ آيا آهيو.

ڳوٺاڻن چيو ته اسان جو ڳوٺ مورو تعلقي ۾ آهي يا افغانستان جو حصو آهي، پهرين اسان کي پاڻي ڏيو، پوءِ ووٽ ڏينداسين.

جي ڊي اي اميدوار عارف مصطفيٰ جتوئي ووٽرن جي سخت سوالن جا جواب ڏيڻ بدران پڪوڙا کائيندو رهيو. ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*