ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي 10 لکن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي 10 لکن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

عدالت رائو انوار جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، رائو انوار کي 10 لکن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي.

عدالت رائو انوار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 5 جولاءِ تي محفوظ ڪيو هو.

نوجوان نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انواز سميت ٻيا نامزد ڪيل آهن.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي رائو انوار چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو مان بي قصور آهيان، منهنجو نالو بدنيتي جي بنياد تي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو.

هن چيو ته ڪيس کي خراب ڪيو ويو، ڪيس ۾ کڻڻ وارن ۽ مارڻ وارن جا نالا ئي ناهن، مان واقعي واري هنڌ موجود ئي نه هيس.

رائو انوار چيو ته 99 شاهدن مان هڪ به منهنجو نالو ناهي کنيو، ڪيس کي وڌيڪ خراب ڪيو ويو ته اصل جوابدار بچي ويندا.

رائو انوار وڌيڪ چيو ته وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس ته مون کي ڪنهن ڦاسايو آهي، استغاثه اهو معلوم ڪري نه سگهيو ته نوجوان نقيب الله کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*