پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته سياست آئوٽ آف سورس ٿي چڪي آهي

پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته سياست آئوٽ آف سورس ٿي چڪي آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتاري ڏئي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته چوڌري نثار صحيح چوي ٿو ته هو پاڪستاني سياست لاءِ  موزون ناهي.

هن چيو ته پاڻي کوٽ قومي مسئلو بڻجي چڪو آهي،چيف جسٽس ڊيم ٺاهڻ لاءِ بهتر قدم کنيو آهي.

هن چيو ته ڊيمز جي تعمير لاءِ پنهنجو حصو ڏيندس، ٻين سڀني سياستدانن ۽ ماڻهن کي به پنهنجو حصو شامل ڪرڻ گهرجي.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته دهشتگردي حملن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا، وفاق ۽ رياستي ادارن دهشتگردي حملن جا نشاندهي ڪئي هئي.

هن چيو ته دهشتگردي اهي ڪري رهيا آهن، جيڪي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، منهنجيون همدرديون بلور خاندان سان گڏ آهن.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته حالتون ڪهڙيون به هجن پر اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجي، سسٽم کي هلڻ ڏنو وڃي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڪراچي پوري ملڪ جو وزن کڻي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*