پشاور ۾ اي اين پي جي ڪارنر گڏجاڻي دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾   اي اين پي جي اميدوار هارون بلور  سميت شهيد ٿي ويلن جو انگ 20 ٿي ويو آهي ۽ 65 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

پشاور ۾ اي اين پي جي ڪارنر گڏجاڻي دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾   اي اين پي جي اميدوار هارون بلور  سميت شهيد ٿي ويلن جو انگ 20 ٿي ويو آهي ۽ 65 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير دوست محمد هنگامي اجلاس طلب ڪري ڌماڪي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن اليڪشن ڪميشن پاران پي ڪي 78 تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي.

پشاور جي علائقي يڪا توت ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻيءَ دوران خودڪش حملي جي نتيجي ۾ پي ڪي 78 تي اي اين پي اميدوار هارون بلور سميت 13 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 65 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

زخمين مان وڌيڪ ست ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي  20 ٿي ويو آهي.

پوليس مطابق ڌماڪو پشاور جي علائقي يڪا توت ۾ ان وقت ٿيو جڏهن هارون بلور ڪارنر گڏجاڻي ۾ داخل ٿيو ۽ اسٽيج طرف وڌي رهيو هو ته خودڪش حملي آور کيس نشانو بڻايو.

آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ هارون بلور جي پٽ دانيال بلور سميت 65 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس شروعاتي جاچ کانپوءِ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهو واقعو آپگهاتي حملو ٿي سگهي ٿو.

پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ سموري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

اليڪشن پاران پي ڪي 78 تي تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته هارون بلور بشير بلور جو پٽ آهي، بشير بلور 22 ڊسمبر 2012 تي هڪ خودڪش حملي دوران شهيد ٿي ويو هو.

هوڏانهن ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير دوست محمد هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير چيو ته ڌماڪي جو هر رخ کان جائزو ورتو پيو وڃي.

هن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث جوابدارن ۽ غفلت ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي طرف نگران وزيراعظم ناصر الملڪ سميت ٻين سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملو سڪيورٽي ادارن جي ڪمزوري آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سياسي اختلاف ڪيترا به هجن، پر ڪنهن کي مارڻ جي ڪا به گنجائش موجود ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*