پشاور ڌماڪي جو يڪا توت ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جي سربراهي ۾ 7 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

پشاور ڌماڪي جو يڪا توت ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جي سربراهي ۾ 7 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته  ملڪ دشمن قووتن سان جنگ جاري رکي ويندي، عوام اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين کان دڄڻ واري ناهي.

پشاور ڌماڪي جو يڪا توت ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڊي آِءِ جي سي ٽي ڊي جي سربراهي ۾ واقعي جي جاچ لاءِ 7 رڪني ڪميٽي قام ڪئي وئي آهي، جيڪا هڪ هفتي اندر جاج مڪمل ڪري رپورٽ گهرو وزارت وٽ جمع ڪرائيندي.

هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي شهيد ٿي  ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته دشمن قووتن خلاف جنگ جاري رکي ويندي، پاڪستاني عوام اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين کان ڊڄڻ واري ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*