لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پاپوليشن کاتي پاران وڌندڙ آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاڳرتا رلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پاپوليشن کاتي پاران وڌندڙ آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاڳرتا رلي ڪڍي وئي.

ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايڇ او جي اڳواڻي ۾ پاپوليشن کاتي ۽ ٻين کاتن جي ملازمن المرتضيٰ چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو چيو ته ملڪي وسيلن کي ڏسي آبادي جي حوالي سان پاليسي جوڙي ان تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هنن چيو ته پاڪستان وسيلن سان مالا مال پر هتي مئنجمينٽ جو فقدان آهي، جنهنڪري تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب ملڪي حالتن اثر پئجي رهيو آهي.

ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو چيو ته آبادي کي تيزي سان وڌڻ کان روڪڻ لاءِ فوري طور تي پاليسين تي عمل شروع ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*