ملان فضل الله جي مارجڻ جي تصديق نه ٿي آهي، سردار مهتاب

خيبرپختونخواهه جي گورنر سردار مهتاب چيو آهي ته ملان فضل الله جي مارجڻ جي تصديق نه ٿي آهي، ان سلسلي ۾ حقيقتون جلد سامهون اچي وينديون.

ڪي پي جي گورنر سردار مهتاب چيو آهي ته افغانستان جي حڪومت ويڙهاڪن خلاف جوڳا قدم کڻي رهي آهي، تنهنڪري ئي افغان سرهد ويجهو طالبان جي چر پر محدود ٿي وئي آهي.

هن چيو ته ملا فضل الله جي مارجڻ جي حوالي سان حقيقتون جلد سامهون اچي وينديون، جڏهن ته ان جي مارجڻ جي حتمي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

هن چيو ته طالبان ويڙهاڪن جي تيره وادي ۾ گڏ ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، سڪيورٽي کي ان سلسلي ۾ چوڪس ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*