گڊاني شھر  ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين عورتن سميت قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي

گڊاني شھر  ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين عورتن سميت قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

گڊاني شھر  ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب سنڌ، بلوچستان، ڪراچي، ڪوئيٽه، گوادر تربت، پنجگور خضدار  ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي مهينن کان سندن علائقن ۾ پيئڻ جوپاڻي نٿو اچي ، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ جلد پوري ڪئي تڪليفن کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*