سنڌ جي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال اڃا به برقرار آهي، ميهڙ، رتوديرو ۽ باقراڻي ۾ اڄ به آبادگارن پاران احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا

سنڌ جي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال اڃا به برقرار آهي، ميهڙ، رتوديرو ۽ باقراڻي ۾ اڄ به آبادگارن پاران احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا.

باقراڻي ۾  دادو ڪينال مان نڪرندڙ شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن لاڙڪاڻو-خيرپور روڊ تي 57 ريگيوليٽر پل وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته دادو ڪينال جي جتوئي شاخ، گلسي شاخ، قطب شاخ ۽ فريد آباد مائينر ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن سبب سندن پوکيل فصل جو ٻيجارو سڙي رھيو آهي.

رتيديري ۾ رتا شاخ ۽ ڪوهري شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو لاڙڪاڻو-نئون ديرو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو.

ميهڙ ۾ ڪڪول واهه، رائس ڪينال، قائم شاخ سميت ٻين شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏنيون.

احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن ڪڪول واهه، رائس ڪينال ۽ قائم شاخ سميت ٻين واهن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائڻ بدران فنڊ کائي کپائي ڇڏيا آهن.

آبادگارن گهر ڪئي ته واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ڪرائڻ سان گڏ پاڻي جي پيدا ڪيل هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*